دايا 2

دايا 2 (ذات): سنڌ ۾ هيءَ ڪرت واري ذات آهي. هي ماڻهو گڏهن تي مٽي، پڪل ۽ ڪچيون سرون ۽ ڀنجو ڍوئي گهرن جي اڏاوت لاءِ پهچائين ٿا. ان کان سواءِ ٻيو هلڪي بار کڻڻ جو ڪم به ڪن ٿا. هن ذات جي عورتن جو ڪم دائپو ڪرڻ رهيو آهي. هي عورتون پهرين مهيني حمل کان وٺي ويم تائين ڳورهاري عورت سان ساٿ ۾ رهنديون آهن. اڳي جڏهن ڊاڪٽرياڻين جو رواج ڪونه هو ته دايون مايون ڳورهاريءَ جو ويم کان وٺي لتن، مڪن سان آڍ ڏيڻ سميت ٻار آڍڻ جو ڪم ۽ ڪپڙو لٽو ڌوئڻ جو ڪم به ڪنديون هيون ۽ ڏاڻ وٺنديون هيون. راڄن ۾ شادي مراديءَ جو سڏ به اُٿارينديون هيون. راڄ ۾ شاديءَ جي مجلسن سجائڻ جو بندوبست ڪرڻ سميت ڪنوار کي مهٽ سهٽ ڪرڻ، ريتون رسمون هلائڻ جو ڪم دائيءَ وٽ هوندو هو. دائي سنڌي سماج جو اهم رڪن رهي آهي. شادين مرادين ۾ سڏ اُٿارڻ، مرتيي جي ڄاڻ ڪرڻ ۽ ٻي صلاح مصلحت لاءِ ڏور وڃي پيغام رسائيءَ جو ڪم به داين جي مردن جي حوالي هوندو هو. سنڌي سماج ۾ دايي جو ڪردار اهم رهيو آهي. ڪيترا دايا پنهنجي ڪنهن وڏي ڏاڏي جي پويان ’جماڻي‘ به سڏائين ٿا.
داين کي بٺارا به چوندا آهن، جيڪي سرن جي بٺن تي ڪم ڪن ٿا. ملتان ۾ ماڇي ذات وارن کي دايو سڏين ٿا ۽ ماڇي عورت کي دائي، جنهن جو سماجي ڪم به اهو ساڳيو سنڌ وارو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو